نرگس فخري پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ سخت ورزش شروع ڪري ڇڏي

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره نرگس فخري پاڻ کي فٽ ۽ سمارٽ رکڻ لاءِ سخت ورزش شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن مطابق هوءَ روزاني 100 سٽ اپ سان 25 پش اپ ڪرڻ جو عزم ڪري چڪي آهي ۽ ان سان گڏ ئي مارشل آرٽ تائي چي کي پڻ هن پنهنجي روزاني جي معمول ۾ شامل ڪري ورتو آهي. نرگس ٻڌايو ته پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ رڳو ورزش ڪرڻ ئي نه هوندو آهي پر پنهنجي روئي کي هاڪاري هجڻ گهرجي ۽ ورزش جي چونڊ پڻ صحيح ڪرڻ گهرجي. ورزش مطابق فٽنس جسم ۽ روح جي درستگي جو نالو آهي. هن چيو ته ورزش دوران صحيح ڪپڙا ۽ جوتا پائڻ سان سولائي ٿيندي آهي ۽ پاڻ کي سٺو لڳندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *