نريندر مودي ڪشمير تي ڳالهه ڪري ته مان پيادل پهچي ويندس: سراج الحق

سلائو (اين اين آءِ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو ته نريندر مودي ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهه ڪري ته مان پيادل پهچي ويندس ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ بغير ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو قيام صرف هڪ خواب آهي نريندر مودي نه صرف ڪشميرين پر هندستان جي اندر مسلمانن سميت ٻين مذهب جي ماڻهن جي لاءِ مشڪلاتپيدا ڪري رهيو آهي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ جماعت اسلامي جو رول ڪشمير جي آزادي ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ضروري آهي. روايتي پارٽيون ۽ قيادتون ناڪام ٿي چڪيون آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن سلائو ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي امير جماعت اسلامي عبدالرشيد ترابي خطاب ڪندي چيو ته ڀارتي وزيراعظم وزيرن ۽ را جي چيف جي انڪشاف کان پوءِ پاڪستان جي حڪمرانن ۽ قوم کي ڪنهن خوش فهمي ۾ رهڻ بجاءِ ڪشمير جي آزادي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ۽ واضح پاليسي بنائڻي پوندي هندستان تحريڪ آزادي کي ثبوتاز ڪرڻ لاءِ تخريبڪاري جهڙين ڪارروائين جو خود انڪشاف ڪري رهيو آهي پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ان اعتماد سان حڪمران ڀارت کي بي نقاب ڪن هن چيو ته برطانيا ۾ تارقين وطن پنهنجي صفحن ۾ اتحاد پيدا ڪري برطانيا جي ميمبرن پارليمينٽس کي قائل ڪن ته هو پارليمينٽ کان ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪن ۽ ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي اندر وڏي پئماني تي ظلم جي مذمت ڪن ۽ پارليمينٽ ۾ ان تي بحث ڪرائين. جماعت اسلامي آزاد ڪشمير ۾ تعليم جي شعبي ۾ صحت جي شعبي ۾ ۽ خدمت جي شعبي ۾ تاريخي ڪم ڪيا آهن ثابت ڪيو آهي ته اسان وٽ سرڪار جا وسيلا هجن ته آزاد ڪشمير مان غربت جو خاتمو ڪري ڇڏيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *