نريندر مودي جو نواز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو, ڀارت جو پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان موڪلڻ جو اعلان

نئين دهلي/اسلام آباد (م.ڊ)ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وزيراعظم نواز شريف کي ٽيليفون ڪري پاڪ ڀارت ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، نريندر مودي چيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ چاهي ٿو، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جي دوري جي آجيان ڪندو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستاني هم منصب کي ٽيليفون ڪري پاڪ ڀارت لاڳاپن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ سڄي خطي کي گڏائڻ جو سبب بڻجي ٿي. وزيراعظم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستاني هم منصب نواز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وزيراعظم نواز شريف سان 10 منٽن جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران پاڪ ڀارت ڳالهين ۽ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت مئچ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڀارتي وزيراعظم چيو ته ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جلد سارڪ ملڪن جو دورو ڪندو هو پاڪستان جو به دورو ڪرڻ چاهي ٿو. نرريندر مودي سارڪ ملڪن جي سربراهن لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪرڪيٽ خطي کي گڏائڻ جو سبب بڻجي ٿي، ڪرڪيٽ ذريعي سارڪ ملڪن جو عوام هڪ ٻئي سان جڙيل آهي. وزيراعظم نواز شريف ڀارتي هم منصب سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري جي دوري جي آجيان ڪندو. ٻئي طرف ڀارت آخرڪار پاڪستان جي موقف سامهون گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ پنهنجي پرڏيهي سيڪريٽري کي پاڪستان موڪلڻ  تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو ڀارتي ميڊيا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جي شنڪر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ پاڪستاني اختيارين سان پنهنجي دوري دوران خطي جي سيڪيورٽي ۽ ٻه طرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *