نجڪاري ڪميشن ملڪي آمدني ۾ ڪراچي جو 70 سيڪڙو حصو هئڻ کي رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد زبير چيو آهي ته اهو تاثر بلڪل صحيح نه آهي ته ملڪي آمدني ۾ 70 سيڪڙو حصو ڪراچي جو آهي، خطي ۾ پاڪستان جي ترقي جي رفتار سست هجڻ جي وڏي وجهه ملڪ ۾ مختلف نظامن جو اچڻ آهي، 2018 ۾ اقتدار انتقال تي امن ٿيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن ٿي ويندو ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي هلندو، سياسي ۽ معاشي استحڪام، بجلي پاڻي ۽ دهشتگردي جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مڙني صلاحيتن کي ڪتب آڻي رهيا آهيون، 2018 ۾ جڏهن نئين حڪومت اقتدار ۾ ايندي ته ان کي بجلي جي مسئلو حل ٿيل ملندو، ماضي ۾ جيترو به فوجي آپريشن ٿيو سڀ ناڪام ٿيا، ان جو سبب تمام اسٽيڪ هولڊر کي شامل نه ڪرڻ هو، ڪراچي آپريشن اتفاق راءِ سان ڪيو پيو وڃي، ان جا نتيجا مثبت اچي رهيا آهن، هو ڇنڇر تي ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پيٿ فائينڊر ۽ نيٽ شيل جي احتمام هيٺ منعقد ڪيل تقرير کي خطاب ڪري رهيو هو، تقريب ۾ سي ٽي اين اي جو جنرل سيڪريٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، اڪرام سهگل، ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ فيصل سبزواري، پاڪستان بينڪر ايسوسئيشن جو سي اي او توفيق حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. فيصل سبزواري پاران ملڪي آمدني ۾ 70 سيڪڙو حصو ڏيندڙ ڪراچي ۾ آپريشن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن بنا فرق ڪيو پيو وڃي ۽ اها ڳالهه ته ڪراچي ملڪ کي آمدني جو 70 سيڪڙو ڏئي ٿو بلڪل درست نه آهي، سڄي ملڪ جو آمدني ۾ حصو آهي، ڇو ته ڪيترن ئي ادارن جو ڪراچي ۾ هيڊ آفيس آهي، ان لاءِ هتان آمدني جا انگ اکر ظاهر ڪيا ويندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *