نجي ٽي وي جي ميزبان کي مداح پاران ڏنل آئسڪريم اسپتال پهچائي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) اب تڪ نيوز چينل جي ميزبان ثناءَ فيصل گذريل رات ناظم آباد ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ آئسڪريم کائڻ لاءِ وئي، جتي 15 سالن جي هڪ ڇوڪري کائنس آٽو گراف گهريو ۽ گڏ سيلفي ڪڍڻ جي خواهش ڏيکاري، جنهن تي ثناءَ کيس جواب ڏئي ڇڏيو. ڪجهه دير کان پوءِ اهو ڇوڪرو ٻيهر ثناءَ کي آئسڪريم ڏيڻ لاءِ آيو، جيڪا پڻ ثناءَ  وٺڻ  کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر ڇوڪري جي گهڻي اسرار کان پوءِ ثنا اها آئسڪري وٺي کاڌي. آئسڪريم کائڻ جي ٿوري دير کان پوءِ ئي سندس حالت خراب ٿي پئي جنهن کي ضياءَ الدين اسپتال داخل ڪيو ويو اتي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ جي ڪري کيس عباسي شهيد اسپتال داخل ڪيو ويو. سندس مڙس جو چوڻ هو ته ڇوڪري پاران ڏنل آئسڪريم ۾ زهر هو. ايس ايڇ او حيدري مارڪيٽ ذوالفقار ٻڌايو ته عباسي شهيد اسپتال ۾ ثناءَ فيصل جو بيان ورتو ويو آهي، جنهن کان پوءِ واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. جڏهن ته ڄاڻايل ڇوڪري جو پتو نه پئجي سگهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *