نجم سيٺي حسن علي جي واهگا بارڊر واقعي تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيو

 

ممبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي فاسٽ بالر حسن علي جي واهگا بارڊر واقعي تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن.ڪولڪتا ۾ جاري آءِ سي سي ميٽنگز جي موقعي تي ڀارتي صحافين طرفان جڏهن حسن علي جي ”جنريٽر اسٽائيل“ اختيار ڪرڻ جي باري ۾ سوال ٿيو ته هن چيو ته ڪرڪيٽر پهريان به واهگا بارڊر تي ويندا رهيا آهن.فاسٽ بالرز هميشه اهي ئي ڪندا آهن، جيڪو سندن دل چاهيندي آهي، مان نه ئي ان ڳالهه کي اهميت ڏيندو آهيان ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪا ڳالهه ڪريان چاهيان ٿو، نه ته اوهان ان ۾ به سياست شامل ڪري ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *