نجم سيٺي آءِ سي سي جي صدارت وارو عهدو نه سنڀالڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي آءِ سي سي جي صدارت وارو عهدو نه سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سماجي رابطن واري پيب سائيٽ ٽوئٽر تي ڇڏيل پيغام ۾ نجم سيٺي پي سي بي کي درخواست ڪئي آهي ته آءِ سي سي جي صدارت جو عهدو ڪنهن اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر حوالي ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته  پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي کانپوءِ هي بهترين موقعو آهي ته َآءِ سي سي جي صدارت وارو عهدو ڪنهن ليجنڊ ڪرڪيٽر حوالي ڪيو وڃي. نجم سيٺي گورننگ بورڊ سميت پي سي بي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو سربراهه پڻ آهي، کيس پهرين جولاءِ تي هڪ سال لاءِ آءِ سي سي جي صدارت سنڀالڻي هئي پر هن پنهنجي فيصلي کان پي سي بي کي ڄاڻ ڏئي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *