نثار کهڙي پاران 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي قانونساز اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙي قائد اعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي قانونساز اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان هن سومر ڏينهن ڪيو آهي .نثار احمد کهڙو چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جي قانونساز اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير کي پاڪستان جي اڳواڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي هدايتن تي نصاب ۾ شامل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قائد اعظم محمد  علي جناح جي ان تقرير کي اٺين ڪلاس کان ڏهين ڪلاس جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ اهڙو ترميمي  نصاب ايندڙ سال شاگردن ۾ مفت ورهايو ويندو جنهن نصاب ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع تي قانونساز اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير پڻ شامل هوندي. هن چيو ته تعليم هاڻي صوبائي سبجيڪٽ آهي ۽ سنڌ کي پنهنجو نصاب تيار ڪرڻ جو حق حاصل آهي تنهنڪري سنڌ پاران قائد اعظم محمد علي جناح جهڙي شخصيت جي تقرير کي پڻ نصاب ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن شاگردن کي تاريخ جي پڻ آگاهي ملي سگهي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به مذهبي تفريق تي يقين نه ٿو رکي ۽ قائد اعظم محمد علي جناح موجب پاڪستان ۾ هر ڪنهن شخص کي پنهنجي مذهبي عقيدي موجب زندگي گذارڻ لاءِ آزادي حاصل آهي. هن چيو ته نصاب ۾ اها تاريخ شامل ٿيڻ سان شاگرد اهو پيغام پڙهي بهتر نموني سان مستقبل ۾ ان مائينڊ سيٽ جو تعليم جي مدد سان مقابلو ڪري سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *