نثار کهڙو سوڀي ديرو ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نالي سان ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

حيدرآباد(اي پي پي) سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو سوڀي ديرو ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نالي سان ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ٻولي جو بهترين شاعر، نقاد ۽ هڪ اداره ساز شخصيت هو جنهن جي دل سنڌ جي عوام توڙي سنڌ جي محبت سان سرشار هئي _ اهڙو اظهار هن اڄ سنڌي لئنگيويج اٿارٽي پاران ناليواري شاعر تنوير عباسي جي ياد ۾ منعقد ڪرايل مذاڪري ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو _صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري مان اسان کي معاشري جي ترقي، جماليات ۽ پنهنجي ڌرتي تي جان نثار ڪرڻ جو درس ملي ٿو _ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي پئي وڃي تنهن هوندي به خانگي اسڪولن کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ويو آهي ته اهي به پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي کي لازمي مضمون طور پڙهائين _اسڪولن ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم جي نفاذ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته استادن تي الزام نه لڳن ها ته اهو نظام لاڳو نه ڪيو وڃي ها_ استادن جي غير قانوني ڀرتين بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون آهن جن جي جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي . ان کان اڳ تقريب ۾ آجياڻي وارو خطاب پيش ڪندي اٿارٽِي جي چيئرمين سرفراز راڄڙ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ نواز علي شوق جي پوئواري ڪندي ان اداري کي ترقي طرف گامزن ڪيو پيو وڃي _ هن چيو ته هن وقت اٿارٽي جي لائبريري ۾ 24 هزار مختلف ڪتاب موجود آهن _ هن ڊاڪٽر تنوير عباسي جي حوالي سان چيو ته سندس شخصيت تي جيترو به ڪم ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي _ ان موقعي تي تقريب ۾ تاج جويو ، نواز علي شوق، نصير مرزا، ادل سومرو ، اياز گل ، اختر درگاهي ، ملڪ مختيار ۽ ٻين ناليواري شاعر تنوير عباسي جي شاعري ۽ شخصيت جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي روشني وڌي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *