نثار کهڙو جو تعليم کاتي جي عملدارن کي 15 ڏينهن اندر اسڪولن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۽ بند پيل اسڪول کولڻ جو الٽيميٽم

لاڙڪاڻو (بيورو):- سينئر صوبائي وزير اطلاعات ۽ تعليم نثار احمد کهڙو لاڙڪاڻي ڊويزن جي تعليم کاتي جي عملدارن کي اسڪولن جا بنيادي مسئلا 15 ڏينهن اندر حل ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏيندي بند پيل اسڪول کولرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. اڄ ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي  ۾ تعليم کاتي جي عملدارن جي هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن چيو ته صرف لاڙڪاڻي ڊويزن اندر 10 سيڪڙو اسڪول بند آهن، جيڪا تمام گھڻي شرح آهي، هن چيو ته تعليم کاتي سنڌ جي 10 هزار اسڪولن کي سهولتون ڏيارڻ لاءِ اسڪول اسپيسفڪ پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن تحت هر سال هڪ هزار اسڪولن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، ان ڪم جي شفاف نموني سان مانيٽرنگ ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان ٻن سالن اندر ميرٽ تي اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ 16000 کان 17000 استاد ڀرتي ڪيا آهن، جنهن ۾ ڪو به سفارشي استاد نه آهن. اهي استاد بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ ئي ڀرتي ڪيا ويا آهن، انهن استادن کي زباني حڪمن تحت بدلي نه ٿو ڪري سگھجي. اهڙو ڪم ڪندڙ آفيسرن خلاف قانوني قدم کنيا ويندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ وڏي رقم خرچ ڪري رهي آهي، ساليانو پوڻن 2 ارب رپين جا ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ڇپايا پيا وڃن، جيڪي سنڌ جي اسڪولن ۾ مفت ورهايا ويندا آهن. هن چيو ته آفيسر ۽ استاد ڪارڪردگي ڏيکارن ته کين سهولتون ڏنيون وينديون. هن چيو ته سنڌ ۾ 43 هزار پرائمري اسڪول آهن جڏهن ته مڊل ۽ هاءِ اسڪولن جو انگ تمام گھٽ آهي، ان لاءِ ٻار پرائمري کانپوءِ پڙهڻ کان رهجي وڃن ٿا. ان لاءِ اسان مڊل اسڪولن جو تعداد وڌائينداسين يا پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪنداسين. هن چيو ته اين ٽي ايس وسيلي ڀرتي ڪيل استادن کان مون قسم ورتو هو ته هو 3 سالن تائين بدلي نه ڪرائيندا، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته اهو غلط عمل آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته گوسڙو استادن کي ڊيوٽي جو پابند نه بڻائڻ آفيسرن جي ناڪامي آهي. هن چيو ته مون استاد تنظيمن جي اڳواڻن کي قرآن پاڪ تي قسم کڻايو هو ته هو گوسڙو استادن جي حمايت نه ڪندا اهي پنهنجي قسم تي عمل ڪري رهيا آهن پر ڪجھ آفيسر ۽ ڪلارڪ گوسڙو استادن کي ڇوٽ ڏئي رهيا آهن. انهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته آفيسرن ۾رابطي جي به کوٽ آهي،  جنهن جي ڪري ڪيترائي مسئلا حل نه ٿا ٿين هن چيو ته اسڪولن کي ملندڙ ايس ايم سي فنڊن کي بهتر نموني استعمال ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ شڪايت نه ملڻ گھرجي. گڏجاڻي ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو غلام اڪبر لغاري صوبائي وزير کي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ تعليم کاتي جي بهتري لاءِ ورتل ڪوششن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪل 5988 اسڪول آهن، جنهن مان 655 اسڪول بند آهن. اسڪولن جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ هو سڄي ڊويزن جي اسڪولن جا پاڻ دورا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گوسڙو استادن کي پڪڙڻ لاءِ ڪمشنر آفيس ۾ مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ به هن ذاتي ڪوششون ورتيون آهن، جنهن تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ڪمشنر غلام اڪبر لغاري جي واکاڻ ڪندي کاتي جي عملدارن هدايت ڪئي ته ڪمشنر لاڙڪاڻو سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي لاڙڪاڻو جاويد علي جاگيراڻي، ڊائريڪٽر پرائمري اسڪولز، اليمينٽري، ڊي اي اوز، ٽي اي اوز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *