ناڻي کاتي ننڍن آبادگارن لاءِ ڪريڊٽ گارنٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ننڍن آبادگارن لاءِ ڪريڊٽ گارنٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اها اسڪيم اهڙن آبادگارن لاءِ هوندي جيڪي قرضن عيوض ضمانت پيش ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکن، ان حوالي سان هڪ اجلاس اڱاري ڏينهن وفاقي وزير جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته اسڪيم مان نهري علائقن ۾ 5 ايڪڙ ۽ باراني علائقن ۾  10 ايڪڙن تائين جي ايراضي رکندڙ ننڍا آبادگار فائدو حاصل ڪري سگهندا. موجوده حڪومت هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ان اسڪيم جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت گهٽ ۾ گهٽ قرض هڪ لک رپيا جڏهن ته وڌ کان وڌ مدو هڪ کان ڏيڍ سال آهي. لون ڊفالٽ رسڪ جو اڌ حڪومت ادا ڪندي ۽ ان اسڪيم لاءِ 5 ارب رپيا پهرين ئي رکيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *