ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار نيب ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

لاهور (اين اين آءِ) سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج  ڪميشن آف پاڪستان اسحاق ڊار ۽ ان جي گھر واري، ٻن پٽن ۽ ننهن جي ڪمپنين جو سمورو رڪارڊ نيب لاهور جي جاچ ٽيم کي جمع ڪرائي ڇڏيو. نيب کي بينڪ اڪائونٽنس جا تفصيل به ملي ويا ، ذريعن موجب اسحاق ڊار کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جو الزام آهي ۽ پاناما ڪيس  ۾ سپريم ڪورٽ انجي خلاف نيب رفرنس جو حڪم ڏنو آهي ، جنهن جي لاءَ نيب تياري شروع ڪئي آهي. جوائنٽ ڊائريڪٽر ايس اي سي پي علي عدنان اسحاق ڊار جي ست خانگي ڪمپنين جو رڪارڊ نيب لاهور ڪمپائينڊ انويسٽيگيشن ٽيم کي جمع ڪرائي ڇڏيو، جن ڪمپنين جو رڪارڊ جمع ڪرايو ويو آهي انهن ۾ گلف انشورنس، ايڇ ڊي ايس سيڪيورٽي ايسپانسر ڊسٽريبيوشن ، سي اين جي پاڪستان ، حجويري هولڊنگ ڪمپنيون شآمل آهن، رڪارڊ ۾ فارن 11 ۽ فارم 29 سرٽيفڪيٽس آف ان  ڪارپوريشن ميمورينڊم آف ايسو سي ايشن به شامل آهن، نيب کي اسحاق ڊار ۽ انجي ڪٽنب جا بينڪ اڪائونٽسن جي تفصيل به ڏني وئي آهي، انهن جو جائزو وٺڻ لاءِ رپورٽ تيار ڪئي ويندي.  ياد رهي ته اسحاق ڊار تي اڱاري جي ڏينهن نيب ۾ طلب ڪيو ويو هو پر هو پيش نه ٿيو. هن نيب لاهور کي جواب جمع ڪرايو، جنهن موجب سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *