ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت،عوام کي عيدالاضحيٰ جو تحفو ڏيندي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي،نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويندا. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ لاءِ اوگرا جي سمريءَ جي منظوري ڏني. ناڻي واري وزارت جي منظوري کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 2 رپيا 94 پئسا في گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گاسليٽ هڪ رپيو 31 پئسا، ڊيزل 95 پئسا ۽ ايڇ او بي سـِي جـِي اگهه ۾ هڪ رپيو 87 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽروليم واري وزارت پاران نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد تيل جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *