ناڪاري ڪردارن ۾ مزو وڌيڪ ۽ داٻي وارو ڪردار هوندو آهي: سنڌي اداڪاره جوهي چاولا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ تي ٻن ڏهاڪن تائين راڄ ڪندڙ سنڌي اداڪارا جوهي چاولا چيو آهي ته ناڪاري ڪردارن ۾ مزو وڌيڪ ۽ داٻي وارو ڪردار هوندو آهي، ان ڪري هاڻي ناڪاري ڪردار ڪرڻ ئي پسند ڪنديس، بالي ووڊ ۾ هاڪاري ۽ صاف شخصيت رکندڙ اداڪارا سال 2014ع جي ”گلاب گينگ“ ۾ سمرتا ديوي جو ناڪاري ڪردار ڪري هڪ نئين سڃاڻپ پڻ ٺاهي هئي. هن چيو ته سمرتا ديوي وارو ڪردار ڪندي تمام گهڻو مزو آيو ۽ ان ڪري ناڪاري ڪردارن سان ڄڻ ته پيار ٿي پيو آهي ۽ هاڻي هاڪاري ڪردار نه ڪرڻ تي زور هوندو، سندس موجب 20 سالن تائين سڌي ناري طور ڄاتو ويو پر هاڻي مٺو ۽ پيار وارو ڪردار نه پر خطرناڪ، شاطر ۽ ڏنگي عورت وارو ڪردار ڪنديس

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *