ناهيد خان کي شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو رڪارڊ ڏيڻ جو حڪم

راولپنڊي (بيورو) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت،پ پ ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ناهيد خان کي شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو رڪارڊ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته آمريڪي صحافي مارڪ سيگل پهرين آڪٽوبر تي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پ پ ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ناهيد خان عدالت ۾ پيش ٿي. عدالت ڪيس جو رڪارڊ ناهيد خان کي ڏيڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پراسيڪيوٽر جي شاهد ايس پي ۽ ڪيس جي پهرين جاچ آفيسر کي طلب ڪرڻ جو سمن جاري ڪندي 21 سيپٽمبر تائين بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي گهرو وزارت عدالت کي ٻڌايو ته آمريڪي صحافي مارڪ سيگل پهرين آڪٽوبر تي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تي ٿيندي. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ناهيد خان چيو ته هن سميت صفدر عباسي، امين فهيم، خالد شهنشاهه ۽ ڊرائيور بينظير ڀٽو سان گاڏي ۾ موجود هئا. هن چيو ته عدالت سندس بيان رڪاڊ ناهي ڪيو،هوءَ الزامن جو جواب عدالت ۾ ئي ڏيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *