ناموس رسالت صه تي رت جو آخري ڦڙو به قربان ڪري ڇڏينداسين: سراج الحق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته امر جو وجود رڳو نبي ڪريم صه سان آهي، نامور رسالت صه تي رت جو آخري ڦڙو به قربان ڪنداسين، ناموس رسالت صه تي لکين عوام روڊن تي نڪري سگهي ٿو. جماعت اسلامي پاران يونيورسٽي روڊ تي گستاخ خاڪن خلاف مارچ کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته اسان وزيراعظم کي اپيل ڪئي هئي ته او آئي سي جو اجلاس گهرائي، اجلاس نه گهرائڻ تي مختلف مسلم ملڪن جي نمائندن سان رابطو ڪيو،مون مسلم ملڪن جي سربراهن کي چيو آهي ته گڏجي پاڻ ئي احتجاج ڪرڻو پوندو. جماعت اسلاميي جي امير جو چوڻ هو ته نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن جو پيڇو ڪندا رهنداسين، سموريون سياسي پارٽيون ناموس رسالت صه تي متحد ٿي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *