ناموس رسالت ايمان جو حصو آهي، معاملي تي آخري حد تائين وينداسين: چوڌري نثار علي خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نٿار علي خان واضح ڪيو آهي ته ناموس رسالت ايمان جو حصو آهي، معاملي جي آخري حد تائين وينداسين ناموس رسالت جي حوالي سان ڪنهن مسلمان جي دل ۾ ذري برابر به اختلاف راءِ نه ٿو ٿي سگهي پر توهين رسالت ڪندڙ دشمن اسلام نه پر انسانيت جا دشمن آهن پرڏيهي ڪمپينن کي اصل پيغام ان وقت ويندو جڏهن مسلمان سڀ گڏ ٿي ان جي خلاف آواز اٿاريندا. مسلم ملڪن ساٿ نه ڏنو ته اڪيلو قدم کڻندو. ڊان ليگس جي حوالي سان اڃا تائين گهرو وزارت کي رپورٽ نه ملي آهي الطاف حسين گذريل 20 سالن ۾ وڏا ڏوهه ڪيا آهن ڇا ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جون ڪوششون غلط آهن برطانوي گهرو وزير ايندڙ مهيني پاڪستان اچي رهيو آهي ان سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي خميس تي ميڊيا سان ڳالهائيدي گهرو وزير چوڌري نٿار چيو ته وزيراعظم مون کي اها ذميواري ڏني آهي ۽ ان تي ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن ايف آءِ اي جي حوالي سان گهرو وزارت جي اها ذميواري آهي گهرو وزير چيو ته ناموس رسالت جي حوالي سان ڪنهن مسلمان جي دل ۾ ذري برابر به اختلاف راءِ نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته گهرو وزير جي حيثيت سان هڪ پاڪستاني ۽ مسلمان جي حيثيت سان منهنجي اها ذميواري آهي ته مان ان ڳالهه کي يقيني بڻايان ته ڪنهن بيگناهه تي گستاخي جو الزام نه لڳي  جنهن جا نتيجا ان شخص ۽ خاندان لاءِ تباهه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ پهرين هدايت مان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي چيئرمين کي ڏني ته فوري طور تي فيس بوڪ ۽ وڌيڪ سروس ڏيندڙن کي هدايت ڪئي وڃي ته گستاخ واريون پوسٽون بلاڪ ڪيون وڃن ۽ مون کي گذريل ڏينهن رپورٽ ملي ته سوشل ميڊيا تي موجود اهڙي مواد کي بلاڪ ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ٻئي هدايت اها ڪئي وئي ته فيس بڪ خاص طور تي ۽ ڪجهه وڌيڪ سروس مهيا ڪندڙ اسان سان شيئر ڪن ته اهڙي ڏوهه جي پويان ڪهڙا ماڻهو ملوث آهن گهرو وزير چيو ته مان آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير کي چيو آهي ته هو هڪ اسپيشل آفيسر مقرر ڪري جيڪو روز آمريڪي وفاقي جاچ بيورو ٽي ٽي اي ۽ سوشل ميڊيا ويب سائيٽس سان رابطي ۾ رهي ته جيئن جيڪو اسان چاهيون ٿا ۽ جيڪو پاڪستاني قوم چاهي ٿي ان کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي ڇو ته اهو هڪ بين الاقوامي مسئلو بڻجي چڪو آهي ان ڪري اسان هڪ اهڙو وڪيل مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو اهو سڄو عمل ڄاڻيندو هجي. گهرو وزير چيو ته اهڙي قسم جو مواد پاڪستان مان اپلوڊ ٿئي ٿو ايف آءِ اي ۽ ڳجها ادارا ان جو ڪافي حد تائين ڄاڻ وٺي چڪا آهن جڏهن ته جن ماڻهن جو اورينجن آمريڪا يا ڪنهن ملڪ ۾ آهي انهن تائين فيس بڪ ۽ وڌيڪ ويب سائيٽس جي مدد کانسواءِ نه ٿو پهچائي سگهجي. هن چيو ته گذريل ڏينهن فيس بڪ جي ذريعي پرڏيهه کان هڪ تصوير اپ لوڊ ڪئي وئي جنهن ۾ ظفر اقبال جهڳڙا کي امڪاني چيف جسٽس آف پاڪستان جي طور تي ڏيکاريو ويو ۽ ادارن جي مذاق اڏائي وئي. هن چيو ته جيڪو پاڪستان تي يقين نه ٿو رکي جيڪو پاڪستان خلاف نعرا ٿو هڻي ان کي سياست جي اجازت ڪيئن ڏئي سگهون ٿا برطانيا کي بار بار ياد ڏيارينداسين ته توهان جي انصاف وارو معيار اوچو آهي ۽ توهان ان معاملي ۾ به انصاف جو مظاهرو ڪيو گڏيل قانوني تعاون لاءِ برطانيا کي خط لکي رهيا آهيون ته جيئن هڪ ٻئي جي موجود جوابدارن کان جاچ ۾ آساني ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *