ناليواري راڳي سرمد سنڌي جي 21 هين ورسي ملهائي وئي

ڪراچي(شوبز نيوز) سنڌ جي قومي راڳي سرمدي سنڌي کي وڇڙندي اڄ 21 ورهيه گذري ويا آهن پر هو چاهيندڙن جي دلين مان وسري نه سگهيو آهي، اڄ سندس 21 ورسي سنڌ سميت پوري دنيا ۾ سندس چاهيندڙن طرفان ملهائي ويندي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. جڏهن ته سندس گهرڀاتين ۽ مختلف ڌرين طرفان مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون پڻ چاڙهيون وينديون. سرمد سنڌي 21 ورهيه اڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو.سرمد سنڌي جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو، پاڻ خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالو ۾ جنم ورتو. ننڍي پڻ کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو، پاڻ پيشي جي لحاظ کان هڪ انجنيئر هو، سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ ريليز ٿي ته ان جو هڪ گيت ”سورن سندي سڪرات آ“ جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو تمام گهڻو مشهور ٿيو.سرمد سنڌي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، سچل سرمت، زخمي چانڊيو، زاهد شيخ ۽ آڪاش انصاري سميت ٻين مشهور شاعرن جي شاعري ڳائي، هن جا سنڌي سان گڏ سرائيڪي زبان ۾ ڳايل گيت به ڏاڍا مقبول ٿيا. پاڻ سنڌ کانسواءِ ڪيترن ئي پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سرمد سنڌي هڪ ڪار روڊ حادثي ۾ 27 ڊسمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو ناليواري راڳي سرمد سنڌ جي اڄ21 هين ورسي ملهائي پئي وڃي ، سندس مداحن پاران کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ جوسلسلو جاري آهي.سرمد سرن ذريعي مسڪين ماڻهن جي اهنجن کي نروار ڪيو ۽ غريب ماڻهن جي ترجماني ڪئيجيتوڻيڪ سرمد سنڌي کي سنڌ واسن کان وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا آهن پر ان باوجود سندس ڳايل گيت وڏي چاهه سان ٻڌا وڃن ٿا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *