عاليا ڀٽ ۽ سونم ڪپور طرفان فواد جي فلم ” دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي ٽريلر جي واکاڻ

 

ڪراچي ( شوبز نيوز ) فواد خان ۽ ماهرا خان جي نئين فلم ” دي ليجنڊ آف مولا جٽ “ جو ٽريلر ويجهڙائي ۾ ريليز ڪيو ويو، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي ۽ ٽريلر جي تعريف ڪندڙن ۾ نه رڳو پاڪستان پر بالي ووڊ فلمي ستارا پڻ شامل آهن جن ٽريلر جي واکاڻ ڪئي آهي.  بلال لاشاري جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ ان فلم جي ڪاسٽ ۾ فواد خان ۽ ماهرا خان کانسواءِ حمائمه ملڪ، حمزا عباسي، گوهر رشيد، فارس شفيع، شفقت چيما، نيئر اعجاز ۽ صائمه بلوچ به شامل آهن.  21 ڊسمبر تي ريليز ڪيل 2 منٽن 22 سيڪنڊن تي ٻڌل فلم جو ٽريلر مڪمل طور ايڪشن ۽ ايڊونچر سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ فواد خان ” مولا جٽ“ ۽ حمزا علي عباسي” نوري نٿ“ جي ڪردار ۾ نظر آيا. ان ٽريلر ۾ ايڪشن سان گڏوگڏ رومانس جو تڙڪو پڻ نظر ايو جڏهن ته مولا جٽ ۽ نوري نٿ جي جهيڙي پڻ مداحن جي ڏندي آڱريون ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سڌارٿ ملهوترا، ڪرن جوهر، انوراگ ڪيشپ ته ٽريلر ڏسي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ فواد جي بالي ووڊ جي سپر اسٽارن عاليا ڀٽ ۽ سونم ڪپور به ان فلم کي ساراهيندي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي تعريف ڪئي.  عاليا ڀٽ ٽريلر ڏسڻ کانپوءِ لکيو ته ” ڇا ته شاندار ٽريلر آهي“ ان کان اڳ سونم ڪپور به پنهنجي انداز ۾ فواد خان جي تعريف ڪئي. واضح رهي ته بالي ووڊ ۾ عاليا ڀٽ ” ڪپور اينڊ سنز“ ۽ سونم ڪپور ” خوبصورت “ ۾ فواد خان سان گڏ ڪم ڪري چڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *