ناليواري اداڪار اظهار قاضيءَ کي مداحن کان وڇڙئي 11 ورهيه وهامي ويا

 

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ادڪار اظهار قاضي جي يارهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. ٽيليويزن ۽ فلم اسڪرين تي ٻن ڏهاڪن تائين پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪار اظهار قاضي 1955ع ۾ سنڌ جي راڄڌاني واري علائقي کاردار ۾ جنم ورتو، بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن سان مشهابت شروعاتي ڏينهن ۾ سندس ڪيريئر لاءِ مددگار ثابت ٿي، اظهار قاضي فني سفر جي شروعات 1982ع ۾ فاطمه ثريا بيجا جي ٽي وي سيريل انا سان ڪئي، ڊراما سيريل انا ۾ اظهار قاضي ۽ مهرين الاهي جي جوڙي کي اداڪار شڪيل ۽ غزالا ڪيفي کانپوءِ  مقبول ترين جوڙي قرار ڏنو ويو. اظهار قاضي ٽي وي سيريل دائرا، گردش، زخم، گناهه گار ۽ پاني پي نام ۾ به پنهنجي شاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، ٽيلويزن تي پنهنجي گهڻي مصروفيتن سبب هن اسٽيل مل ۾ پنهنجي ملازمت ڇڏي ڏني. اظهار قاضي 1986ع ۾ نذر شباب جي فلم روبي کان فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪيو ۽ لڳ ڀڳ 90 فلمن ۾ ڪم ڪيائين، اظهار قاضي کي فني ميدان ۾ ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ نگار فلم ۽ نيشنل ايوارڊن سميت ڪيئي اعزازن سان نوازيو ويو، اظهار قاضي 24 ڊسمبر اڄوڪي ڏينهن تي 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *