ناليواري اداڪاره سلميٰ هائيڪ جي ايڪشن سان ڀرپور نئين فلم ايورلي جو ٽريلر جاري

لاس اينجلس(شوبز نيوز)هالي ووڊ جي ناليواري اداڪاره سلميٰ هائيڪ جي ايڪشن سان ڀرپور نئين فلم ايورلي جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي هدايتڪار جوئي لينچي جي ان فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي بهادر عورت جي چوڌاري گم ٿي جيڪي پنهنجي اڳوڻي دوست طرفان موڪليل ڏوهاري ماڻهن جو اڪيلي سر مقابلو ڪندي آهي ۽ ان جو بنا خوف خاتمو ڪري ڇڏيندي آهي جڏهن ته سلسلو اتي ئي ختم نه ٿو ٿئي پر ان جي نتيجي ۾ ان کي ڪيترائي خطرا سامهون اچن ٿا روب پيرس، اينڊريو پيف ۽ ايڊم رپ جي گڏيل پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ ان فلم ۾ مرڪزي ڪرداري ناليواري ميڪسيڪن آمريڪي اداڪاره سلميٰ هائيڪ ادا ڪري رهي آهي جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ جينيفر بلينچ، ڊوٽو لگاوا، لورا ڪپيڊا ۽ ڪيرولين چوڪوزي شامل آهن. ايڪشن سان ڀرپور هي فلم ايندڙ سال 27 فيبروري تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *