ناليوارو پاڪستاني اسپن بالر سعيد اجمل پنهنجي پراڻي فارم ۾ اچي ويو

لنڊن(اسپورٽس نيوز) ناليوارو پاڪستاني اسپن بالر سعيد اجمل پنهنجي پراڻي فارم ۾ اچي ويو آهي. سعيد اجمل پنهنجي بالنگ ذريعي ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ ڌاڪو ڄمائي ورتو آهي. سعيد اجمل اڄڪلهه انگلينڊ ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، جتي هن پنهنجي جادوءَ واري بالنگ ذريعي بيٽسمينن کي منجھائي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن ورڪشائر پاران کيڏندي سعيد اجمل مخالفن جي اڌ ٽيم آئوٽ ڪري ڇڏي. سعيد اجمل پنهنجي 13 اوورن ۾ صرف 14 رنسون ڏئي همپشائر جي ٽيم جا 5 بيٽسمين آئوٽ ڪري ورتا. واضح رهي ته ايڪشن شڪي قرار ڏيڻ کانپوءِ سعيد اجمل تي پابندي لڳائي وئي هئي. جنهن مان بحالي کانپوءِ هو لاڳيتو پنهنجو فارم بحال ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رهيو، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *