ناقص انجنيئرنگ سبب قومي ايئرلائين جا 15 ڏينهن اندر هڪ ايئر بس سميت 4 جهاز پرڏيهه ۾ گرائونڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناقص انجنيئرنگ سبب قومي ايئرلائين جا 15 ڏينهن اندر هڪ ايئر بس سميت 4 جهاز پرڏيهه ۾ گرائونڊ ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب انجنيئرنگ جون گهربل ضرورتون پوريون نه ٿيڻ ۽ جهازن جي ڀروسي جوڳي مرمت نه ٿيڻ ڪري جهازن کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي. گذريل 15 ڏينهن دوران ناقص انجنيئرنگ سبب قومي ايئرلائين جي ايئربس سميت 4 جهازن کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب، سعودي عرب ۾ جده ايئرپورٽ تي قومي ايئرلائين جي سيالڪوٽ ڏانهن ايندڙ اڏام پي ڪي 7 سئو 46 گذريل 25 ڪلاڪن کان فني خرابي سبب جده ايئرپورٽ تي بيٺل آهي.  ذريعن موجب، 17 جنوري تي ساڳئي ئي ايئرپورٽ تي قومي ايئرلائين جي ايئربس 7سئو 77 ڀروسي جوڳي مرمت نه ٿيڻ ڪري جهاز کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي.   ذريعن موجب، 20 جنوري تي قومي ايئرلائين جي اڏام پي ڪي 3سئو 10 کي کي فني خرابي سبب بيجنگ ايئرپوٽ تي گرائونڊ ڪيو ويو.   گذريل 15 ڏينهن دوران ناقص انجيئرنگ سبب قومي ايئرلائين جي 4 جهازن کي پرڏيهه ۾ گرائونڊ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *