ناصر الملڪ حلف کڻي ورتو، عام چونڊون وقت تي ۽ شفاف نموني ٿينديون: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران وزير اعظم رٽائرڊ جسٽس ناصرالملڪ ا پنهنجي عهدي جو قسم کڻي  ورتو آهي.مسلم ليگ ن جي چونڊيل حڪومت پنهنجي آئيني مدو گذريل رات 12 وڳي پورو ڪري چڪي آهي جنهن بعد اڄ کان نگران حڪومت ملڪ جو ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.نگران وزير اعظم جي قسم کڻڻ جي تقريب  ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ پنهنجي عهدي جو قسم کنيو.تقريب ۾ اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي ڪابينا جي ميمبرن، سينٽ جي چيئرمين ،هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ممنون حسين نگران وزيراعظم کان پنهنجي عهدي جو قسم ورتو. جسٽس ناصر الملڪ هاڻي پنهنجي نگران ڪابينا جي چونڊ ڪندو. ناصر الملڪ جي سربراهيءَ ۾ نگران حڪومت ٻن مهينن اندر چونڊ ڪرائيندي جنهن بعد واڳون نئين حڪومت حوالي ڪيون وينديون.) نگران وزيراعظم ناصر الملڪ چيو آهي ته پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين، چونڊون وقت تي ۽ شفاف ٿينديون. ايوان صدر ۾ پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي ناصر الملڪ چيو ته جيڪا ذميواري مون کي سونپي وئي آهي اها سهڻي نموني ادا ڪندس.  هن چيو ته ڪابينا مختصر رکندس، صلاح مشوري کانپوءِ ڪابينا جو اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته توهان قوم جي آخري اميد آهيو، ڇا چونڊون وقت تي ۽ شفاف ٿينديون، ان تي نگران وزيراعظم جواب ڏنو ته منهنجا لفظ ياد رکو، چونڊون وقت تي ٿينديون جنهن ڪم لاءِ آيا آهيون اها ذميواري پوري ڪنداسين، چونڊون وقت تي ۽ شفاف ٿينديون. جسٽس رٽائرڊ ناصر ملڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي ويندي ته جيئن وقت تي چونڊون ڪرائي سگهن.  نگران وزيراعظم ناصر الملڪ وزيراعظم هائوس پهتو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن بعد وزيراعظم هائوس جي عملي سندس آجيان ڪئي ۽ کيس ڀليڪار ڪيو. نگران وزيراعظم ناصر الملڪ پنهنجي عهدي جي باضابطا چارج سنڀالي به ورتو جتي کيس عملي بريفنگ ڏني. اڳوڻو چيف جسٽس ناصر الملڪ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ بعد پنهنجي ڪابينا جي جوڙجڪ جو ڪم ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *