نادرا اين اي 214 جي جاچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، 27 هزار کان وڌيڪ ووٽ جعلي قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نادرا قومي اسيمبلي جي تڪ 5 1 2 جي جاچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، هڪ لک 4 7 هزار 5 2 6 مان صرف 7 4 هزار 1 9 2 ووٽ صحيح ۽ 7 2 هزار 3 7 2 غلط نڪتا جڏهن ته 9 9 هزار 2 5 7 جي تصديق نه ٿي سگهي. نجي ٽي وي موجب خميس ڏينهن نادرا قومي اسيمبلي جي تڪ 5 1 2 جي تحقيقاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مطابق تڪ ۾ هڪ لک 4 7 هزار 5 2 6 ووٽ وڌا ويا جن مان 7 4 هزار 1 9 2 ووٽ صحيح نڪتا ۽ 7 2 هزار 3 7 2 غلط پرپوءِ 9 2 2 ووٽ ڪنهن ٻئي جي سڃاڻپ ڪارڊ تي وڌا ويا ۽ 2 5 7 9 9 ووٽن جي تصديق نه ٿي سگهي. رپورٽ موجب صرف 8 2 سيڪڙو ووٽ گهربل معيار تي لٿا ۽ ووٽن جي تصديق نه ٿيڻ سبب غير معياري مس آهي. ياد رهي ته تڪ اين اي 5 1 2 مان پيپلزپارٽي جو اڳواڻ نواب علي وساڻ ڪامياب ٿيو هو ۽ غوث علي شاهه سندس ڪاميابي کي چئلينج ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *