ناجائز ترين حڪومت کي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ناجائز ۽ ناڪام ترين حڪومت کي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي سلامتي ۽ ترقي جي ضامن جمهوريت آهي، پاڪستان جهڙي معاشري ۾ وفاقي جمهوريت ئي حڪومت جي نظام جو واحد عمل آهي، پ پ ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ ڊگهي ۽ تاريخي جدوجهد ڪئي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي گڏيل آئين جو تحفو ڏنو، جنهن جو بنياد جمهوريت آهي، جمهوري نظام ئي شهري ۽ سياسي حقن جي پاسداري ۽ متوازن معاشري جي جوڙجڪ يقيني بڻائي سگهي ٿو، ان تي ڪي ٻه رايا ناهن، مضبوط جمهوريت ۽ مضبوط پاڪستان لازمي آهن. سندس چوڻ هو ته هٿ ٺوڪين هڪ پاڪستان ۾ پاڪستانين کي ٻن گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، سليڪٽڊ حڪومت طرفان هر مخالف آواز کي دٻائڻ ۽ انتقام جو نشانو بڻائڻ جو مقصد جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ آهي، پ پ ناجائز ۽ ناڪام ترين حڪومت کي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *