نااھلي ملڪ تباھھ ڪري ڇڏيو، بلاول جي اڳواڻي ۾ ئي ملڪ بحرانن  مان نڪرندو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته روزاني ضروري ۽ بنيادي استعمال ۾ ايندڙن شين جا اگهه ايتري حد تائين وڌي ويا آهن جو ماڻهو روڊن تي نڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويا آهن ۽ اسلام اآباد ۾ ويٺل چونڊيل حڪمرانن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه جمعي جي شام دائود چورنگي تي ملير جي عوام پاران اگهن ۾ واڌ خلاف ڪيل احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ساڻس گڏ سندس ڪابينا جا ميمبر، صلاحڪار، خاص مددگار ۽ ملير جا ڪوآرڊينيٽر پڻ ھئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ضروري شيون ۽ بنيادي کاڌي پيتي جون شيون جيئن اٽو، گيهه، ڀاڄيون ۽ داليون ايتري حد تائين اگهه وڌايا ويا آهن جو ماڻهو ٻه وقت جو کاڌو کائڻ لاءِ پريشان آهن. هن چيو ته بک ۽ لاچار عوام روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي ته جيئن اهي ”چونڊيل حڪمرانن“ کي گهر موڪلي سگھي. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي ۽ سنسس معيشت ۾ ڪمزور ۽ ٿڪل پاليسين کي اختيار ڪرڻ جي ڪابه گنجائش ناهي جنهن سان غريب عوام کان ماني جو گرهه به کسيو وڃي. وزيراعظم پنھنجي تقرير ۾ پهرين چيو ھو ته جيڪڏھن ڊالر جي قيمت ھڪ رپئي تائين وڌي وڃي ته ان جو مطلب آھي ته حڪمران ڪرپٽ ۽ چور آھن ۽ ھاڻي ڊالر 50 رپين کان مٿي چڙهي ويو آھي ۽ ھاڻي ھن ملڪ جي عوام کي اھو فيصلو ڪرڻو آھي ته ڪير ڪرپٽ  ۽ چور آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم پنهنجي سڄي حياتي ملڪ کان ٻاهر گذاري آهي ۽ کيس پاڪستان ۾ غربت جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ ناهي ۽ کيس پاليسين بابت محدود نظريو رکندڙ آهي هاڻي وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ سان ملڪ تباهه ٿي ويندو تنهن ڪري ان کي گهر موڪلڻو پوندو.  مراد علي شاهه چيو ته غريب عوام جي حالت کي ڏسندي چيئرمين بلاول ڀٽو پارٽي تي زور ڀريو آهي ته اگهن ۾ واڌ ۽ حڪمرانن جي بيڪار پاليسين خلاف هر شهر ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن ته جيئن حڪومت جي پاليسين کي وائکو ڪري سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي ملڪ کي موجوده سماجي ۽ سياسي بحران مان ڪڍندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو ملڪ جي اڳواڻي ڪندو ته جيئن غريبن جي روزاني زندگي تبديل ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته رڳو بلاول ڀٽو جيان حقيقي عوامي ليڊر ئي غريب نواز پاليسيون جوڙڻ جي قابل آهي. مظاهرين وفاقي حڪومت خلاف نعرا هنيا ۽ وزيراعظم کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. عورتن احتجاجي ريلي ۾ هٿن ۾ ”مانيءَ“ کڻي رڳو اهو ڏيکارڻ لاءِ شرڪت ڪئي ته اھي سندن برداشت نه ڪري سگھنديون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي بحران ۾ ملوث ماڻهو وزيراعظم جا ويجها ساٿي آهن پر هو (وزيراعظم) ڪرپشن جي خاتمي بابت ليڪچر ڏئي رهيو آهي. وڌندڙ پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گذريل سڀني رڪارڊن کي ٽوڙي ڇڏيو آھي تنھنڪري ڀاڄين کان وٺي کاڌي پيتي جي شين تائين ھر شيءِ جا اگهه غريبن جي پهچ کان ٻاھر آھن. هن خبردار ڪيو ته اهو ملڪ جي غريب عوام سان سراسر دشمني آهي ۽ اهي حڪمران جيڪي غريبن جي ٻارن کان ”ماني جو گرهه“ به کسي ورتو آهي انهن کي ملڪ ۾ اقتدار ۾ رهڻ نه گهرجي.  مراد علي شاهه چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪمرانن کي گهر موڪليو وڃي ۽ هڪ حقيقي ليڊر کي بلاول ڀٽو جهڙو اقتدار ۾ آندو وڃي ته جيئن هو عوام ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهي. احتجاج ڪندڙن ”وزيراعظم بلاول ڀٽو“ جا نعرا هنيا. پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري سنڌ وقار مهدي پڻ جلسي کي خطاب ڪيو ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي ناڪام پاليسين تي تنقيد ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *