نااهل حڪومتي ٽولي خراب پاليسين سان عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو: بلاول ڀٽو زرداري

 حيدرآباد/اوڪاڙه (اين اين آءِ/بيورو) پ پ حيدرآباد جي اڳواڻ ڊاڪٽر عرفان گل مگسي بلاول ھائوس ڪراچي ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران حيدرآباد جي مسئلن کان آگاھھ ڪيو، ۽ حيدرآباد جي تعمير و ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنھنجي عذم جو اظھار ڪيو، ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر عرفان گل مگسي کي چيو تھ حيدرآباد جي تعميرو ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪريو، ان موقعي تي عرفان گل مگسي پارٽي قيادت کي ٻڌايو تھ حيدرآباد ۾ کي تمام گھڻا مسئلا درپيش آھن، ھن شھر کي ماشي ۾ مسلسل نظر انداز ڪيو ويو آھي، جنھن جي ڪري ھتي مسئلا گھڻا آھن،  ٻِئي طرف  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيوآهي ته نااهل حڪومتي ٽولي ناقص پاليسين سان عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي حڪوتم پاران واعدي جي خلاف آئي ايم ايف جو راصپو حاصلڪرڻ لاءِ عوام تي مهانگائي جا ڊرون حملا ڪيا پيا وڃن حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين سان غريب جي زندگي عذاب ٿي چڪي آهي غريب لاءِ ٻن ويلن جي ماني حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هاڻي روزانو غريب جي زندگي جي ضرورتن جون شيون اٽو، گيهه، کنڊ چانور ۽ دالين تي قميتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ايس ايف ساهيوال ڊويزن جي سينيئر اڳواڻ رضوان خان بلوچ جي اڳواڻي ۾ ملندڙ وفد سان ملاقات ڪندي ڪيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده حڪوتم عوام لاءِ عذاب بڻجي چڪي آهي تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام لاءِ عذاب بڻجي چڪي آهي مهانگائي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي، جن گهٽي گهٽي اعلان ڪري رهيو آهي ته وزيراعظم چور آهي، حڪومت آئي ايم ايف جي چوڻ تي پيٽرول، بجلي، ۽ گئس اگهن ۾ برداشت کان ٻاهر واڌ ڪري رهي آهي، وزيراعظم رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو هو پر اڄڪلهه حڪومت مهانگائي پئڪيج ٺاهڻ ۾ رڌل آهي. سردين ۾ ماڻهو گئس لاءِ سڪي رهيا آهن. هي ملڪ کي پٿر واري دور طرف وٺي وڃي رهيا آهن، مهانگي سبب پريشان عوام لاءِ حڪومت وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *