نائين زيرو تي ڇاپي ۽ گرفتارين خلاف مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند، احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) ايم ڪيو ايم جي سڏ تي پارٽي مرڪز نائين زيرو تي رينجرز چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند کيو ويو، جڏهن ته ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون.. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروبار، تعليمي ادارا، پيٽرول پمپس ۽ ٽرانسپورٽ بند رهي، جڏهن ته ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا… حيدرآباد ۾ متحده جي سڏ تي شهر جا مک ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، ٽاور مارڪيٽ، ڪلاٿ مارڪيٽ، نئين پل ۽ لنڊا بازار ۽ ٻيا علائقا بند رکيا ويا، ڪارڪنن طرفان احتجاج پڻ ڪيو ويو… ايم ڪيو ايم جي ھيڊ ڪواٽر نائين زيرو تي رينجرز جي سرچ آپريشن خلاف ايم ڪيو ايم جي سڏ تي نواب شاھ ۾ مڪمل طور شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، هڙتال سبب شهر جا مک ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا.. ميرپورخاص ۾ متحده ڪارڪن نائين ذيرو تي رينجرز جي چڙهائي خلاف روڊن تي نڪري آيا، جڏهن ته مڇريل ڪارڪنن هوائي فائرنگ پڻ ڪئي جنهن سبب سمورا ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا. سکر ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪاروبار بند ڪرايو.. ٽنڊو الهيار ۾ ايم ڪيو ايم جي سڏ تي مختلف علائقن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو.. ٽنڊي آدم ۾ ايم ڪيو ايم جي سڏ تي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند ڪيا ويا، جڏهن ته ٽرئفڪ پڻ معمول کان گهٽ رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *