نائين زيرو تي ڇاپو، رينجرز گرفتار 23 ڏوهارين جي شروعاتي جاچ رپورٽ گهرو وزارت کي اماڻي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو جي ڪارروائي دوران گرفتار ٿيل قتل ۽ دهشتگردي جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث 23 ڏوهارين جي شروعاتي جاچ رپورٽ گهرو وزارت ۽ اعليٰ عملدارن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي رپورٽ مطابق متحده جي مرڪز تي ڇاپي وقت تحويل ۾ ورتل 23 دهشتگردن جي سڃاڻپ عمل ۽ دهشتگردي جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هجڻ جي حوالي سان ٿي ويئي آهي جڏهن ته ٻين 83 ماڻهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي رينجرز عملدارن پاران موڪليل رپورٽ مطابق گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ اي ون ڪئٽيگري ۾ 5 دهشتگرد فرحان عرف شبير ملا، عامر علي سرڪٽا، فيصل عرف موٽا، عبيد عرف ڪي ٽو ۽ نادر شاهه عرف منور شاهه شامل آهن اي ڪئٽيگري ۾ 7 دهشتگرد نعمان ولد اسلم، نديم احمد ولد مشتاق احمد، امتياز حسين ولد شميم احمد، محمد جوايد ولد محمد ابراهيم، ڪاظم رضا ولد ناصر رضا، محمد عامر خان ولد معين خان ۽ شهزاد انصاري شامل آهن. ڄاڻايل دهشتگردن کي اسلحي سميت گرفتار ڪيو ويو آهي بي ڪئٽيگري ۾ دهشتگردن ۾ سيد حسيب ولد مقبول، محمد عابد ولد نظيراحمد، محمد زبير ولد محمد جلال، محمد حسين ولد مزمل حسين، ساجد علي ولد هشمت علي محمد فيضان ولد عبدالحليب محمد وجيهه ارحمان ولد محمد علي، محمد آصف ولد صابر حسين سيد ممتاز حسين ولد جاويد حسين محمد شبير ولد محمد هارون، نعمان سيل ولد محمد علي شآمل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *