نائين زيرو تي رينجرز جو ڇاپو، نيٽو جا چوري ٿيل هٿيار هٿ، 6 گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي آپريشن ڪري صحافي ولي بابر جي قاتل سميت 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا،ڇاپي دوران عزيز آباد سميت مختلف علائقن ۾ فائرنگ دوران متحده ڪارڪن مارجي ويو ۽ خانگي ٽي وي چئنل جي ڪيمرامين سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اڄ صبح سوير 5 وڳي ڌاري رينجرز جي وڏي نفري عزيز آباد واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو جو گهيراءُ ڪري سرچ آپريشن ڪيو. رينجرز موجب آپريشن دوران وڏي انگ ۾ پرڏيهي ۽ نيٽو ڪنٽينرز مان چوري ٿيل هٿيار هٿ ڪري 6 خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو. رينجرز موجب گرفتار ڪيل ڏوهارين ۾ صحافي ولي بابر جو قاتل فيصل موٽا،عبيد ڪي ٽو، فرحان شبير عرف ملان، عامر ۽ نادر شامل آهن. ڪارروائي دوران رينجرز اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي اهم اڳواڻن عامر خان،عبدالحسيب، ريحان ظفر ۽ ٻين کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي. رينجرز آپريشن جو اطلاع ملڻ تي متحده جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ نائين زيرو ٻاهران گڏ ٿي ويا،جن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ رينجرز پاران هوائي فائرنگ ڪئي وئي. متحده جي مرڪز نائن زيرو تي آپريشن بعد عزيز آباد جي مڪا چوڪ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ دوران ايم ڪيو ايم ميڊيا سيل جو ذميوار سيد وقاص شاهه مارجي ويو، جڏهن ته خانگي ٽي وي چئنل جي ڪيمرامين سميت 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *