نائن زيرو ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي، ڊي جي رينجرز جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين نائين زيرو بابت ڊي جي رينجرز جي بيان کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته نائين زيرو ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي، ڪورڪمانڊر جو بيان به حقيقتن تي ٻڌل ناهي. لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نائين زيرو جي آسپاس ڪو به نوگو ايريا ناهي، ڊي جي رينجرز جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته نائين زيرو جي ڀرپاسي واري هر گهر ۾ الڳ الڳ ڪٽنب رهي ٿو، نائين زيرو کي نوگو ايريا ڪوٺڻ وارو ڊي جي رينجرز جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. الطاف حسين چيو ته ڪورڪمانڊر ڪراچي جو اهو بيان به حقيقت تي ٻڌل ناهي ته ڪراچي ۾ آپريشن اڻ ڌريو ۽ ايمانداري سان ٿي رهيو آهي. هن ڪورڪمانڊر کان سوال ڪيو ته اوهان جي 68 سالن جي بيوهه ڀيڻ جي گهر تي ڇاپو هنيو وڃي ته اوهان جي دل تي ڇا گذرندي؟ اوهان جي جواب جو انتظار رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *