نائن زيرو مان گرفتار ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي رمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) نائن زيرو مان گرفتار متحده قومي موومينٽ جي 5 ڪارڪنن جي رمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي متحده قومي موومينٽ جي مرڪز نائن زيرو مان گرفتار ايم ڪيو ايم جي 5 ڪارڪنن محمد عابد، محمود ،شڪيل، عامر ۽  جاويد کي سخت سيڪيورٽي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو رينجرز اختيارين طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته گرفتار جوابدارن تي قتل، پوليس مقابلي، راڪيٽ لانچر حملي ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا ڪيس داخل آهن ان ڪري انهن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي جنهن تي عدالت جوبدارن جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي ان موقع يتي ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪارڪنن جي گهروارن جي وڏي تعداد عدالت ٻاهران موجود هئي جڏهن ته ڪنهن به شخص کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *