اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق سينيٽ جي ميمبر جي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هو سينيٽ ۾ محروم ۽ مظلوم طبقن جي نمائندگي ڪندو ۽ اهڙو طبقن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندو، جن جي آواز کي اڳ ۾ ڪڏهن به ايوان ۾ نه ٻڌو ويو آهي. حلف برداري تقريب کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته هو عهد ٿو ڪري پاڪستان جي مظلوم ۽ محروم طبقن جو آواز اٿاريندو ۽ هارين، مزدورن، ريڙهو هلائيندڙن،رڪشو هلائي روزي ڪندڙن، ٽانگي وارن ۽ شاگردن جي نمائندگي ڪندو. هن چيو ته سيد شبلي فراز کي پي ٽي آءِ ڊپٽي چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي، جنهن جي هو به تائيد ڪري رهيا آهن.