نائن اليون کانپوءِ پاڪستان امريڪي جنگ جو حصو بڻيو: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا سان برابري جي سطح تي لاڳاپا چاهيون ٿا، اهڙا مهذب لاڳاپا جيڪي ٻن ملڪن جي وچ ۾ هئڻ گهرجن. آمريڪي اخبار کي انٽرويو ۾ وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا هميشه ويجها رهيا آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپا، آمريڪا ڀارت لاڳاپن کان پراڻا آهن، نائن اليون کان پوءِ پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان کان وڌيڪ ڪارروائي جو مطالبو ڪري ٿو جيڪو پاڪستان جي وس ۾ نه هو، پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي عدم اعتماد انهيءَ جي ڪري ٿيو پر مستقبل ۾ آمريڪا سان پراعتماد لاڳاپا چاهيون ٿا. سندس چوڻ آهي ته آمريڪا سان برابري جي سطح تي لاڳاپا چاهيون ٿا، اهڙا مهذب لاڳاپا جيڪي ٻن ملڪن جي وچ ۾هئڻ گهرجن، آمريڪا هميشه پاڪستان جي سهڪار کي اڻ ڪافي سمجهيو، آمريڪا سمجهندو هو ته امداد جي بدلي پاڪستان سندس چوڻ تي ڪم ڪندو. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي کان پوءِ پاڪستان آمريڪا سان باوقار لاڳاپن ۽ واپار جو خواهشمند آهي، پاڪ آمريڪا لاڳاپا آمريڪا برطانيا لاڳاپن جهڙا چاهيون ٿا، افغان جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ سان پاڪستانين جو جاني نقصان ٿيو، افغان جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ سان پاڪستانين جو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، ڪيترائي هزار پاڪستاني فوج ۽ 150 ارب ڊالر جو مالي نقصان ٿيو. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ پاڪ آمريڪا مقصد هڪ جهڙا آهن، پاڪستان خطي ۾ هاڻ به اسٽريٽجڪ اهميت رکي ٿو، خطي ۾ هڪ پاسي ڀارت ۽ ٻئي پاسي چين جهڙيون اقتصادي قوتون موجود آهن. افغانستنا جي حوالي سان وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته افغانستان جي مسئلن جو رڳو سياسي حل آهي، نه ته سول وار جو خدشو آهي، افغانستان ۾ سول وار سان پاڪستان متاثر ٿيندو جيڪو آمريڪا ۽ پاڪستان جي حق ۾ ناهي، پاڪستان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڀرپور اثر رسوخ استعمال ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *