نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ شھباز شريف ۽ شاھ محمود قريشي آمھون سامھون، نامزدگي ڪاغذ منظور، چونڊ اڄ ٿيندي

اسلام آباد(م.ڊ) عمران خان جي هٽڻ بعد نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ شهباز شريف ۽ شاهه محمود قريشي ميدان تي اچي ويا، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪندي شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ڇڏيا آھن،  ڇنڊڇاڻ بعد شاهه محمود قريشي جا به ڪاغذ منظور ڪيا ويا، اپوزيشن شاهه محمود قريشي جي ڪاغذن تي اعتراض نه واريا هئاعمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ بعد نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 2وڳي ٿيندو، عمران خان کي وزارتِ عظميٰ تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، ڪابينا ڊويزن 25 وفاقي ۽ 4 مملڪتي وزيرن کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *