نئين نسل کي پرامن ۽ روشن پاڪستان ڏينداسين، جتي نفرت جو نعرو نه هجي: نواز شريف

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي سال مڪمل ٿي ويو، شهيدن جي پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي، شهيد ٻارڙن ۽ استادن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ مک تقريب ۾ وزيراعظم نواز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن، عمران خان، چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ وفاقي شرڪت ڪئي، شهيدن جي وارثن کي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا. پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي سڄي قوم کي متحد ڪندڙ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي اڄ پهرين ورسي جي موقعي تي کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني جو به سلسلو جاري آهي. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ سندن والدين سان اظهار يڪجهتي لاءِ مک تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وزيراعظم نواز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، اسحاق ڊار، خواجا آصف، گورنر ڪي پي ڪي سردار مهتاب عباسي شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد، سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري، گلگت بلتستان جي وڏي وزير، گورنر، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سميت شهيدن جي وارثن، اسڪول جي شاگردن ۽ استادن به شرڪت ڪئي. تقريب دوران وزيراعظم نواز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، وزيراعليٰ بلوچستان عبدالمالڪ بلوچ، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، گورنر ڪي پي ڪي سردار مهتاب عباسي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ ٻين سانحي ۾ شهيد ٿيل ٻارڙن ۽ استادن جي وارثن کي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا. ان کان اڳ پشاور سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن جو تقريب ۾ پهچڻ تي وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت سموري سياسي ۽ عسڪري قيادت اٿي بيهي استقبال ڪيو. وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف شهيد ٿيل ٻارڙن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ کين آٿت ڏني. ان کان آرمي چيف جنرل راحيل شريف آرمي پبلڪ اسڪول ۾ پهچڻ تي شاگردن ۽ انهن جي والدين جي آجيان ڪئي. وزيراعظم نواز شريف پشاور ۾ شهيد آرمي پبلڪ اسڪول جي پهرين ورسي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع تي آرمي پبلڪ اسڪول جي قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ٻارن جي تراني ٻڌڻ واريون ڀتيون ڌماڪن سان ڌڏي ويون ۽ ڪيترائي معصوم ٻار اسان کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويا، ان سانحي سڄي قوم کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ سڄي قوم جي دلين ان سور کي محسوس ڪيو. هن چيو ته 16 ڊسمبر جي واقعي اسان جي دلين کي چيري ضرور ڇڏيو پر اسان کي پاڻ ۾ اتفاق ۽ اتحاد جي ڏور ۾ پوئي ڇڏيو. هن چيو ته اسان وڇڙيل ٻارن جي والدين جي دلي ڪيفيت کي سمجهي سگهون ٿا ۽ انهن جي صبر ۽ سڪون لاءِ دعاڳو آهيون، پر والدين کي ياد رکڻ گهرجي ته انهن جي معصوم ٻارن جي رت سڄي قوم کي متحد ڪري پاڪستان جي راهه جو تعين ڪيو. هن چيو ته والدين سان واعدو آهي ته شهيد ٻارن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب ورتو ويندو، وزيراعظم چيو ته سانحي کانپوءِ هر پاڪستاني جي دل ۾ اهو سوال پيدا ٿيو ته انسانيت کان وانجهيل اهي وحشي ڪنهن نرمي جا مستحق آهن يا نه ۽ ڇا اهو وقت ناهي ته دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي؟ هن چيو ته آئون سانحي جي خبر ٻڌندي ئي پشاور پهتو هئس ۽ پشاور جي زمين تي قدم رکندي ئي معصوم ٻارن جي رت کيس دهشتگردن خلاف فيصلائتي ضرب لڳائڻ جي فيصلي تائين پهچائي ڇڏيو هو، هن چيو ته سانحي کانپوءِ سياسي ۽ فوجي قيادت گڏ ويٺي ته محسوس ٿيو ته دهشتگردن جي خلاف فيصلائتي ضرب تي ڪنهن کي اختلاف نه آهي ۽ معصوم ٻارن جي رت سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، ان اتحاد جي نتيجي ۾ نيشنل ايڪشن پلان بڻيو ۽ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سميت سڄي ان پڪي عزم سان گڏ بيٺي ته ملڪ کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري ساهه کڻڻو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته سانحي کانپوءِ اسان سڀ هڪ ٿي ان مشن جي پڄاڻي ۾ مصروف آهيون، هن چيو ته پاڪ فوج جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ بي پناهه ڪاميابيون حاصل ڪيون، آپريشن ضرب عضب جي هر ڪاميابي ۾ انهن ئي معصوم ٻارن جو رت ڳالهائي رهيو آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ دهشتگردن چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، انهن جون پناهه گاهون ۽ انفراسٽرڪچر تباهه ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن دهشتگردي جو سدائين جي لاءِ خاتمو ٿي ويندو. هن ان موقعي تي اعلان ڪيو ته 16 ڊسمبر کي علم جي قومي ڏهاڙي جي عزم طور ملهايو ويندو ۽ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کي علم جي روشني سان منور ڪري علم جو ڏيئو وسائيندڙن جو وجود سدائين جي لاءِ ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته هر سال جڏهن اسان انهن شهيد ٻارن کي انهن جي استادن سان گڏ ياد ڪريون ته اسان اهو به ياد رکون ته جهالت جي اونداهي کي ختم ڪرڻو آهي، هن ان موقعي تي آرمي پبلڪ اسڪول يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، هن چيو ته خوشحالي جو سج به علم جي روشني سان اڀرندو آهي، اسان نئين نسل کي پرامن ۽ روشن پاڪستان ڏينداسين، جتي نفرت جو نعرو نه پر هم آهنگي ۽ اتفاق ۽ اتحاد جا نغما گونجندا. پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ امن جو گهوارو هوندي. هن چيو ته پاڪستان سڀ کان وڏي شهر ڪراچي کي ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڊگهي امن جو گهوارو بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ بلوچستان جي صورتحال ۾ به نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي سان گڏوگڏ توانائي بحران تي پڻ ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *