نئين مڪاني نظام سان سنڌ ۾ ترقي جا دروازا کلي سگهن ٿا: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جهڙي طرح اسان هلي رهيا هئاسين اسان غلط رستي تي هلي پياسين ان لاءِ اسان کي قبلو درست ڪرڻو آهي، هاڻ پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻائينداسين، سڄي دنيا ان جو مثال ڏيندي، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان انڊيڪس جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ماحولياتي گدلاڻي تي ڳالهائيندي چيو ته اڄ توهان لاهور ۾ ساهه نٿا کڻي سگهو، اتان جي حالتن کان پوڙهن ۽ ٻارن جي زندگين کي خطرا آهن، اتي فضائي گدلاڻ وڌي وئي آهي، اها هڪ خاموش قاتل آهي ان جي خبر نٿي پوي ته ڪيترا ماڻهو هن هٿان شڪار ٿي ويا آهن، هن چيو ته سان دهلي کي سڀ کان گدلو سمجهندا هئاسين جتي ماڻهن جون حالتون خراب آهن، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته لاهور ان حد تائين پهچي ويو، ان جو سبب اهو آهي ته ڪنهن نه سوچيو ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، اسان وڻ وڍي رهيا هئاسين، 10 سالن ۾ لاهور جا 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا، اسان پنهنجن دريائن ۾ سيوريج اماڻي انهن کي به خراب ڪري ڇڏيو، ماڻهو انهن جو پاڻي پيئن ٿا، جن واهن، شاخن مان ماڻهو پاڻي پيئندا هئا اهي سيوريج ڊرم بڻجي ويا آهن، وزيراعظم چيو ته ڪا به حڪومت ملڪ کي ڪلين گرين اڪيلي سر نٿي ڪري سگهي، انتظاميا چونڊيل ماڻهو هن جو حصو بڻجن، نوجوان به صاف ۽ سبز پاڪستان ۾ شرڪت ڪن، حڪومت جي ان تي مڪمل ڌيان آهي، اسان هن پاڪستان جو قدر نه پيا ڪريون، جڏهن اسان هن جو قدر ڪنداسين ته هي پاڪستان اسان کي سڀ ڪجهه ڏيندو، عمران خان چيو ته اسان پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان بهترين مڪاني نظام آڻي رهيا آهيون، سنڌ ۾ اسان جي حڪومت ناهي پر کين اسان ٻڌائينداسين ته جيڪڏهن کين ترقي ڪرڻي آهي ته هن نظام کانسواءِ نٿي ڪري سگهجي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ جيڪو نظام آڻي رهيا آهيون اهو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اختيار هيٺين سطح تي منتقل ٿيندا، وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان گڏجي ٺهندو، نئين پاڪستان جي نظريي کي سمجهڻو آهي، هي زمين تي بعد ۾ ايندو ۽ ذهن ۾ پهريان ايندو ڇو ته تبديلي پهريان ذهن ۾ اچي ٿي، جهڙي طرح اسان هلي رهيا هئاسين اسان غلط رستي هليا وياسين، عمران خان چيو ته خوشي آهي ته ماڻهو آهستي آهستي ٽيڪس ڏيڻ شروع ڪري رهيا آهن ۽ پيسو اچي رهيو آهي جيئن جيئن پيسو ايندو اهو ماڻهن تي خرچ ڪنداسين. اسان کي پنهنجا درياءَ صاف ڪرڻا آهن.  ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ مني لانڊرنگ لاءِ ممنوعه فنڊنگ جو استعمال ڪيو، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان اڳوڻي قانون جي وزير بابر اعواڻ ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ فارن ۽ ممنوعه فنڊ تي مشورا ڪيا ويا، بابر اعواڻ وزيراعظم کي ڪيس بابت قانوني نقطن تي ڄاڻ ڏني، بابر اعواڻ چيو ته تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ سمورو مالي حساب ڪتاب جمع ڪرائي چڪي، پارٽي جي کاتن جو آڊٽ به ڪرايو پيو وڃي، جيڪو وزيراعظم پنهنجي خرچ تي گهر ۾ رهي ٿو ته ان کي ٻاهرين فنڊنگ جي ضرورت ناهي، ٻاهرين فنڊنگ جي ضرورت فالودي واري جعلي اڪائونٽس وارن جي هئي، اپوزيشن جي ٻنهي وڏي سياسي پارٽين پاڻ مني لانڊرنگ ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته جمهوريت ۽ معيشت ٻئي مستحڪم ٿي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *