نئين سپهه سالار ڪمان سنڀالي ورتي، لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي: جنرل باجوا

راولپنڊي(م.ڊ)  نئين چيف آف  آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالي ورتي. رٽائر ٿيندڙ  آرمي چيف جنرل راحيل شريف روايتي ڇڙي نئين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي حوالي ڪئي. پاڪ فوج جي ڪمان جي تبديلي جي اهم تقريب جي ايڇ ڪيو سان لاڳاپيل آرمي هاڪي اسٽيڊيم ۾ ٿي، ان سان گڏ ئي پاڪ فوج ۾ اعليٰ عهدن تي تبديلين جو اهم مرحلو مڪمل ٿي ويو. تقريب ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق، دفاع وارو وزير خواجا آصف، مملڪتي وزير دفاع ۽ پيداوار رانا تنوير، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز،  وزير سيفرون عبدالقادر بلوچ، مملڪتي وزير سڌ سماءَ ۽ نشريات مريم اورنگزيب سوڌو پارليامينٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪ فوج جي تبديلي ڪمان جي تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير حيات، هوائي ۽ سامونڊي فوج جا سربراهه، پرڏيهي ملڪن جا سفارتڪار ۽ اڳوڻي آرمي چيف  جنرل اشفاق پرويز  ڪياني سوڌو رٽائرڊ فوجي آفيسر ۽ انهن جا گهرڀاتي به شريڪ هئا. ان موقعي تي تقريب جي خاص مهمان جنرل راحيل شريف کي فرنٽيئر فورس رجمنٽ جي جٿي ۽ جنرل قمر جاويد باجوه کي بلوچ رجمنٽ جي جٿي سلامي ڏني، نئين فوجي سربراهه جو واسطو بلوچ رجمنٽ سان آهي. نئين مقرر ٿيل آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي، مون تي وڏي ذميوار اچي وئي آهي، ميڊيا پاڪ فوج جي عظمت کي بلند رکي، پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ميڊيا ۾ مايوسي جون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن، جلد توهان سان ملندس ۽ صحافين کي گڏ کڻي هلندس. تقريب جي پڄاڻي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تقريب ۾ شامل ٿيندڙن سان ملندو رهيو، هو شهيدن جي وارثن سان مليو ۽ ٻارڙن سان هٿ ملايو، تقريب ۾ شامل ٿيندڙ مهمانن آرمي چيف سان تصويرون پڻ ڪڍرايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *