نئون صوبو نه ٺهڻ جي ذميوار مسلم ليگ آهي: يوسف رضا گيلاني

ملتان (م.ڊ) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نئون صوبو نه ٺهڻ جي ذميوار پاڪستان مسلم ليگ (ن) آهي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته سنڌ کي متحد رکڻ جي ڳالهه صرف بلاول ڀٽو زرداري نه پيو ڪري پر هي سڄي صوبي جو آواز آهي عوام چئي رهيو آهي ته هو سنڌ جو ورهاڱو نٿو چاهي جڏهن عوامجي راءِ اها آهي ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين ڪيئن عوام جي راءِ جي خلاف ڪم ڪري سگهي ٿو اهڙي طرح ته پبلڪ پاليسي ٺاهي ۽ هلائي ويندي آهي يوسف رضا گيلاني چيو ته بهاولپوڙ يا سرائڪي يا ڏکڻ پنجاب کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو واعدو پيپلزپارٽي سميت سمورين سياسي پارٽين پنهنجي چونڊ منشور جو حصو بڻايو هو هن چيو ته ڏکڻ پنجاب کي صوبي جو درجو ڏيڻ جي قرارداد صوبائي اسيمبلي ۾ منظور ٿين کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ به پاس ٿي ويئي هئي جڏهن ته سينيٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان آئين ۾ ترميم به ڪئي هئي پر قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه هئڻ سان هي قانون پاس نه ٿي سگهيو جنهن سان ڏکڻ پنجاب کي صوبي جو درجو ملي وڃي ها ان سوال تي ته صوبو نه ٺهڻ جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي هن چيو ته نئون صوبو نه ٺهڻ جي ذميوار پاڪستان مسلم ليگ (ن) آهي سينيٽ جي رڪارڊ تي موجود آهي ته ڪنهن نئون صوبو ٺهڻ جي حق ۾ قانونسازي جي حمايت ڪئي هئي ۽ ڪنهن ان لاءِ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *