نئون اين آر او نه پيو اچي، پويون اين آر او پ پ ۽ مشرف وچ ۾ هو: نواز شريف

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف داخل ريفرنسنز جي ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت کيس حاضري کان آجو قرار نه ڏنو آهي. احتساب عدالت ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ نياڻو ڪيپٽن صفدر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي جي شروعات ۾  ئي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان گذريل ڏينهن ڪيل فيصلي جي ڪاپي جي عدم موجودگيءَ سبب ٻڌڻي 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪئي.  ٻڌڻي جي شروعات تي اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته جيستائين فيصلي جي ڪاپي نه ٿي اچي اڱاري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جج محمد بشير چيو ته توهان آپريشن نه ٿيو، فيصلي جي ڪاپي گهرائي ٿا وٺون. نواز شريف پيشي دوران اهم دستاويز به گڏ آندا جڏهن هن عدالت ۾ عزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ 50، 50 لک رپين جا 2 ضمانتي مچلڪا به جمع ڪرائي ڇڏيا. هن عدالت ۾ حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ اهي ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا. پيشيءَ جي موقعي تي احتساب عدالت ٻاهران سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. مسلم ليگ ن جي عورت اسيمبلي ميمبرن عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪيو. عدالت طرف ويندڙ ڪشمير هاءِ وي کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ۽ رستن کي ڪنڊيدار تارون لڳائي سيل ڪيو ويو. جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران نواز شريف ۽ مريم نواز جي حق ۾ بينر پڻ لڳايا ويا.  ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مان نظريا ضرورت ايجاد ڪندڙ عدليه جو حامي نه آهيان، ملڪ جو عدالتي نظام درست هئڻ گهرجي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته هي ڪيس ڇا آهن کيس سمجهه ۾ ڳالهه نه اچي رهي آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ جي ججن پاڻ چئي ڇڏيو آهي ته ڪرپشن جو ڪيس ناهي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان پيشيون ڇو ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪرپشن، ڪڪ بيڪس يا رشوت وٺڻ جا ڪيس آهن، ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي، ڇا ان ڳالهه جي سزا ڏني پئي وڃي ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي رهي آهي، ڇا ان ڳالهه جي سزا ته ناهي ته ملڪ مان ختم دهشتگردي ختم ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڇا ان ڳالهه جي سزا آهي ته سي پيڪ مان ملڪ ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ڪراچي ۾ امن ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي سزا ته نه ملي رهي آهي، جڏهن ته جيڪو به ٿي رهيو آهي ڇا  ڪنهن ملڪ ۾ ائين ٿيندو آهي. نواز شريف چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ ۾ ڪڏهن ايتري بلند ترين سطح تي نه پهتي، ملڪ ۾ رڪارڊ ترقي ٿي، پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو، اسان ملڪ ۾ معيشت کي ٺيڪ ڪيو ڇا سي پيڪ جي سيڙپڪاري ۽ ڪراچيءَ ۾ امن آڻڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ڪابه ڊيل نه ٿي رهي آهي، اين آر او جي حوالي سان ڪابه شيءَ نه هلي رهي آهي، ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت جو 17 سالن کان ٻڌي رهيو آهيان، عدالتن ۾ هزارين ڪيس التوا هيٺ آهن، ڪڏهن به نه ٻڌو ته سپريم ڪورٽ جو جج نگراني ڪري رهيو آهي، توهين عدالت ٻاهران نه پر اندران به ٿيندي آهي، عدالتي نظام درست هئڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته شريف خاندان ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، ڪجهه ماڻهن کي ٻاهران اختلاف ڏسڻ جي خواهش آهي، نظريه ضرورت ايجاد ڪندڙ عدليه جا حامي نه آهيون، آزاد ۽ غير جانبدار عدليه لاءِ جدوجهد ڪئي، ٽڪراءَ جي ڳالهه ٿيندي آهي، جيڪي اسان کي ٽڪر هڻن ٿا انهن کان ڪير به نه ٿو پڇي، جڏهن به مارچ ايندو آهي ته مارچ جا افواهه گرم ٿي ويندا آهن. نواز شريف چيو ته آصف علي زرداري مون کي گاريون نه پيو ڏي پر ڪنهن ٻي کي خوش ڪري رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ جمهوري پارٽين کي متحد رهڻ گهرجي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *