مڪي شريف ۾ ڪرين حادثو، 68 ماڻهو شهيد ٿي ويا، سوين زخمي

مڪه مڪرمه(م.ڊ) سعودي عرب جي شهر مڪي ۾ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ تعميراتي ڪرين ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 68 ماڻهو شهيد ٿي ويا، ۽ 154 زخمي ٿي پيا، مڪي ۾ طوفاني بارشون جاري آهن جنهن جي ڪري هي حادثو پيش آيو، حادث حرم جي صحتن ۾ صفا جي ٻاهر واري علائقي ۾ پيش آيو، طوفاني بارش ۽ طوفان سبب ڪرين پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهي ۽ ڪري پئي، سعودي سول ڊفينس اٿارٽي سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ت حادثي جي تصديق ڪئي آهي، ڪرين حرم شريف جي توصيحي ڪمن جي سلسلي ۾ لڳائي وئي هئي، واضح رهي ته جمعو جي ڏينهن هيو ۽ هفتييوار موڪل هئڻ جي ڪري حرم شريف ۽ ان جي آس پاس ۾ لکين ماڻهو موجود آهن، جڏهن ته حج جي لاءِ پاڪستان سميت سڄي دنيا مان وڏي انگ ۾ حجاج مڪي شريف ۾ موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *