مڪي آرٿر جي رانديگرن کي“بي رحم” راند کيڏڻ جي هدايت

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي خلاف ڪلين سويپ ڪاميابي جي خواهش ڪندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر پاڪستاني رانديگرن کي بي رحم ڪرڪيٽ کيڏڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي.سندس سيريز جي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ کان اڳ چوڻ هو ته رانديگر بيرحماڻو رويا رکندي عالمي چئيمپين جي خلاف سيريز0-3 سان کٽڻ جي ڪوشش ڪن، بنا ڪنهن شڪ جي سيريز جي فتح صحيح رستي ۽ نئين ٽيم جي جڙڻ پاران پهرين وک آهي ۽ ان ڪري ڪجهه حقيقت پسنداڻا مقصدن کي ذهن ۾ رکي ڇڏيو آهي.پاور پلي ۾ قومي بيٽسمينن جي پهچ مان مطمئن آهيان،انگلينڊ جي خلاف سيريز ۾ جن ڳالهين جي سڃاڻپ ٿي ،انهن ۾ بهتري اچڻ لڳي پر ڊاٽ بالز جي حساب ۾ سنگل ڊبل تان گهٽتائي آندي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *