مڪروهه مفادن خاطر قربانين جاثمر ضايع ٿيڻ نه ڏيندساين: آرمي چيف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه واضح ڪيو آهي ته ڇا به ٿئي ملڪ جي استحڪام تي ڪک به برداشت نه ڪنداسين، فوج رياست جو ادارو آهي، جيڪو قومي ادارن جي مدد لاءِ آئين ۽ قانون موجب پنهنجا فرض ادا ڪندو رهندو، نا پاڪ مقصدن لاءِ قربانين جا ثمر رائيغان ٿيڻ نه ڏينداسين، سومر تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ 226 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ قومي سلامتي ۽ جيو اسٽريٽجڪ حالتن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فورم گهرو سلامتي، اڀرندي سرحد، ايل او سي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ڪور ڪمانڊرز چيو ته سمورن خطرن جي خلاف ملڪ جو دفاع ڪنداسين، آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي بهتر امن ۽ استحڪام جي صورتحال قوم، قومي ادارن ۽ پاڪ فوج جي قربانين جي ڪري آهي، هن چيو ته ڪنهن به ناپاڪ مقصد لاءِ انهن قربانين جا ثمر ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته اهم قومي معاملن تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مسلسل هم آهنگي دشمن طاقتن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ضروري آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *