مڪران ڪوسٽل هاءِ وي ڀرسان مسافر بس حادثي جو شڪار، سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 11 ڄڻا فوت، 29 زخمي

اوٿل  (اين اين آءِ) اوماڙه کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪنڊ ملير ويجهو اونهي کڏ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 11 ڄڻا فوت، جڏهن ته 31 زخمي ٿي پيا، حادٿي جو سبب بريڪ فيل ٿيڻ ٻڌايو پيو وڃي، تفصيل موجب اڱاري تي اوماڙه کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا کان 140 ڪلوميٽر پري ڪنڊ ملير بزي ٽاپ وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب کڏ ۾ ڪري پئي جنهن سبب ڪوچ ۾ سوار سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 11 ڄڻا فوت، جڏهن ته 31 زخمي ٿي پيا، حادثي جي اطلاع تي امدادي ادارا واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي اورماڙه جي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاشن کي اباڻن علائقن ۽ زخمين کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر جميل بلوچ موجب حادثي جو شڪار ٿيل سبب اورماڙه کان ڪراچي وڃي رهي هئي جنهن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 43 ماڻهو سوار هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *