مڪاني چونڊون ووٽ ذريعي جاگيرداري نظام کي شڪست ڏيڻ جو بهتري موقعو آهي: جلال محمود شاهه

حيدرآباد (بيورو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌي عوام وٽ بهترين موقعو آهي ته هو مڪاني چونڊن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي ووٽ نه ڏئي جاگيرداراڻي نظام کي شڪست ڏئي. پ پ هميشه شهيدن جي نالي تي ووٽ حاصل ڪري سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آهن، مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پ پ ڌانڌلي ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن اهڙو اظهار کنڊوءَ ۾ ٿيل هڪ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ نيشنل تحريڪ جي چيئرمين اشرف نوناري، رسول بخش ٿيٻو، عبدالجبار ڀٽو، واحد بخش سنگراسي، فدا حسين خاصخيلي، منور خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سيد جلال محمود شاهه الزام هنيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ دشمن پاليسي جي ڪري سنڌ جو عوام پ پ جو نالو ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي، مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ پ پ حڪومت ڌانڌلي ۽ خونريزي جو منصوبو جوڙيو آهي، جيڪڏهن 19 نومبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ خونريزي يا ڌانڌلي ٿي ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي، سنڌ ۾ اسان جو مقابلو پ پ جي جاگيردارن سان آهي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو سنڌ ۾ سياسي تبديلي لاءِ قومپرست  اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *