مڪاني چونڊن ۾ ڪنهن به اداري کي سياسي پارٽي جي دٻاءُ ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ ڪنهن به اداري کي سياسي پارٽي جي دٻاءُ ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي، مڪاني چونڊون بنا خوف ۽ حراس جي ڪرايون وينديون.ڪراچي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، رينجرز جا عملدارن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ۽ ضلعي انتظاميا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مڪاني چونڊن جي انتظامن بابت غور ويچار ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بلدياتي چونڊن بابت اليڪشن ڪمشنر کي بريفنگ ڏني.چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي حڪومتون اينديون وينديون آهن، پر ادارا هميشه قائم رهندا آهن، ڪنهن به اداري کي ڪنهن سياسي پارٽي جي دٻاءُ ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي.سردار رضا چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ عوام ۽ سياسي پارٽيون اليڪشن ڪميشن سان سهڪار جاري رکن ڪن ته جئين چونڊون شفاف نموني ٿي سگهن.ان کان اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، سردار رضا چيو ته هو قائد اعظم محمد علي جناح واري پاڪستان کي ڏسڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن قائداعظم وقت کان اڳ وڇڙي نه وڃي ها ته اڄ ملڪ جي اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته عوام سياسي منظرن کي ڏسي چونڊ عمل کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ساٿ ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *