مڪاني چونڊن ۾ عوام 2013ع جي چونڊ نتيجن تي مهر لڳائي ڇڏي:وزيراعظم

لاهور (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ عوام مسلم ليگ نون تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ 2013ع جي چونڊ نتيجن تي مهر لڳائي ڇڏي،حڪومت،ميگا رٿائن ذريعي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،تاريخي زرعي پيڪيج جو هارين کي رليف فراهم ڪيو پيو وڃي. لاهور ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مڪاني چونڊن جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ عوام نون ليگ تي ڀرپور اعتماد ڪيو ۽ 2013ع وارين عام چونڊن جي نتيجن تي مهر لڳائي ڇڏي. نواز شريف چيو ته زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ڪم ڪيو ويو آهي ۽ هـُو امدادي سرگرمين جو پاڻ جائزو وٺي رهيو آهي. هن چيو ته گريٽر اقبال پارڪ منصونو تاريخي اهميت رکي ٿو جنهن تي عملدرآمد دوران تاريخي اهميت کي اجاگر ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، پارلياماني سيڪريٽري صحت خواجا عمران نذير ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *