مڪاني چونڊن جي فنڊن ۽ اختيارن کان قبضو ڇڏائڻ لاءِ سڄي قوم کي هڪ آواز ٿيڻو پوندو: شيخ رشيد

لاهور (م،.ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سبرراهه شيخ رشيد چيو ته مڪاني چونڊن جي فنڊن ۽ اختيارن تي قبضو ڇڏائڻ لاءِ سڄي قوم کي هڪ آواز ٿيڻو پوندو جيستائين وڏو وزير اقتدار ۾ آهي ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن کي انصاف نه ملندو ۽ نه ئي غيرجانبدار جاچ ٿيندي حڪمراننکي خبر آهي ته غير جانبدار جي آءِ جي جو مطلب ڦاهي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستان عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رحيق عباسي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ٻنهي پارٽين ڪنٽومينٽ سان گڏوگڏ عام مڪاني چونڊن ۾ گڏيل اميدوار بيهارڻ تي اتفاق ڪيو ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سپريم ڪورٽ ايڪشن نه وٺي ها ته موجوده حڪمران ڪڏهن به مڪاني چونڊون نه ڪرائين ها مڪاني چونڊن جي فنڊن ۽ اختيارن تي قبضو ڇڏائڻ لاءِ پوري قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو اليڪشن سپريم ڪورٽ ڪرائي رهي آهي انهن ادارن کي هلائڻ ۽ انهن جا وسيلا ۽ اختيار ڇڏائڻ لاءِ به سپريم ڪورٽ کي ئي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڊاڪٽر رحيق عباسي ملاقات ۾ ڊاڪٽر طاهرالقادري جي صحت جي حوالي سان ٻڌايو مئي جي پهرين هفتي ۾ ان جو مڪمل طبي معائنو ٿيندو ۽ انجيڪشن فريڪشن جي دل جي مرض جي حوالي سان ڊاڪٽر ان جي صحت ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندو ڊاڪٽرن جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر طاهرالقادري وطن واپس ورڻ جي آخري تاريخ جو اعلان ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *