مڪاني چونڊن جي تاريخ ۾ واڌ نه ٿيندي، چونڊ وقت تي ٿيندي: ناصر شاهه

ٺٽو (ڊ ر)  مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصرحسين شاه چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ ۾ واڌ نه ٿيندي ۽ چونڊون مقرره وقت تي ئي ٿينديون ان حوالي سان سمورا انتظام مڪمل آهن. هن چيو ته صوبي ۾ سياسي اتحاد ٺهڻ ۽ اليڪشن وڙهڻ جو هر ڪنهن کي اجازت آهي ۽ ان عمل جي اسان ڀليڪار ڪريون ٿا ۽ پيپلز پارٽي پاران مڪاني چونڊن ۾ مخالفن سان ڀرپور مقابلو ڪري کين بدترين شڪست ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال قائم رکڻ جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ان ڏس ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاه پاران آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرز سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن سان ڪيتريون ئي گڏجاڻيون پڻ ڪري حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو آهي. هن چيو ته محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي ادارن پاران خدشن کان پڻ آگاه ڪيو ويو آهي ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاران مربوط حڪمت عملي تحت محرم الحرام دوران سيڪيورٽي سخت ڪئي ويندي. اهڙين ڳالهين جو اظهار اڄ هن جيمخانه ڪلب مڪلي ۾ لوڪل گورنمينٽ کاتي پاران يونيسيف ۽ ٽيلينور موبائل ڪمپني جي تعاون سان ٻارن جي موبائل فون ذريعي پيدائشي داخلا جي منصوبي واري افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير نه ٿيندي پر پيپلز پارٽي کي ايم ڪيو ايم پاران تڪ بندين بابت داخل ڪرايل پٽيشن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ڪجھ تحفظات ضرور هئا جنهن تي پيپلز پارٽي پاران سپريم ڪوٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو به ڪيو هو پر اسان جي پارٽي جي قانوني صلاحڪارن سان مشاورت بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ئي اسان جي پارٽي پاران پٽيشن داخل ڪئي وئي جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سُٺي موٽ ڏيندي ڪافي معاملن کي اليڪشن ڪميشن ذريعي حل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڄ صبح ٻڌڻي ٿي آهي جنهن ۾ چند هنڌن تي مڪاني چونڊن جي حوالي سان تڪ بندين جا معاملا رهن ٿا جيڪي اُميد ته جلد حل ٿي ويندا ۽ مڪاني چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير چيو ته ذوالفقار مرزا، نبيل گبول، صفدر عباسي، ناهيد خان ۽ ٻين جو هو دل سان احترام ڪري ٿو پر جيڪي ڳالهيون هو ڪري رهيا آهن ان کان عوام ۽ ميڊيا بخوبي واقف آهن. هن چيو ته هاڻ اهي اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري عوام کي بيوقوف نٿا بڻائي سگھن ۽ عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪجھ ماڻهو پيپلز پارٽي کي ڇڏي ايم ڪيو ايم جوائن ڪن ٿا ۽ پوءِ وري ايم ڪيو ايم کي ڇڏي واپس نيون پارٽيون ٺاهڻ چاهين ٿا اها ڳاله سمجھ کان ٻاهر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ گوسڙو ۽ برطرف ڪيل ملازمن جي حوالي سان هن چيو ته هو صفائي سٿرائي، پاڻي سميت ٻين بلدياتي ضرورتن جي فراهمي ۾ ڪوتاهي ڪندڙن کي بلڪل برداشت نه ڪندو ۽ انهن خلاف سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته گذريل وقتن ۾ جيڪي ماڻهو غير قانوني طور يا کاتي جي آفيسرن جي اندروني ملي ڀڳت سان مڪاني ادارن ۾ ڀرتي ڪيا ويا ۽ اهي ماڻهو ڪم به نٿا ڪن ته انهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پ پ پ جي پاليسي آهي ته ڪنهن کي به بيروزگار نه ڪجي ۽ هميشه اهو ئي نعرو لڳو آهي ته بي بي آئيگي روزگار لائيگي پر اهو ضرور ٿيندو ته جيڪڏهن ڪنهن معزز خاندان يا زميندار فيملي سان تعلق رکندڙ جي عزيز، مٽ مائٽ يا پُٽ سئيپر جي جاءِ تي ڀرتي ٿيل هوندو ۽ اهو صفائي سٿرائي جو ڪم به نه ڪندو ته ان سان انهيءَ علائقي جي صفائي سٿرائي متاثر ٿيندي اهڙن ملازمن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ کين برطرف ڪيو ويندو. هن ٺٽي ۾ صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سميت ٻين گھربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پڻ لاڳاپيل آفيسرن کي موقع تي ئي سخت هدايتون ڏنيون. ان کان اڳ هن جيمخانه ڪلب مڪلي ۾ لوڪل گورنمينٽ کاتي پاران يونيسيف ۽ ٽيلينور موبائل ڪمپني جي سهڪار سان ٻارن جي پيدائشي داخلا جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيدائشي داخلا هر ٻار جو بنيادي حق ۽ وقت جي ضرورت آهي ان عمل سان ٻارن جي حقن جي تحفظ سان گڏو گڏ حڪومت لاءِ پڻ ٻارن لاءِ قانون سازي ڪرڻ ۽ انهن جي فلاح و بهبود لاءِ پاليسي مرتب ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته جيستائين حڪومت وٽ ٻارڙن بابت صحيح انگ اکر موجود نه هوندا تيستائين انهن لاءِ تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ فنڊز مختص ڪرڻ جو پڻ صحيح طريقي سان اندازو لڳائي نه سگھبو. هن چيو ته هو يونيسيف ۽ ٽيلينور ڪمپني جو ٿورائتو آهي ته انهن ٻارن جي موبائل ذريعي پيدائشي داخلا واري عمل کي يقيني بڻايو ۽ شروعاتي طور تي ٺٽي ضلعي جي گھارو ۽ ڌاٻيجي شهرن ۾ ٻارن جي پيدائشي داخلا ڪئي وئي. هن خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته پيدائشي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي مد ۾ يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين پاران ماڻهن کان وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ واري شڪايتن تي ڪيترن ئي يوسي سيڪريٽرين خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي وئي آهي. هن چيو ته ميديا ۽ عوام کي گھرجي ته اهڙي قسم جي شڪايتن ۽ نا انصافين بابت کيس آگاهي ڏين ته جيئن ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري غريب ماڻهن کي انصاف مهيا ڪيو وڃي. ان موقعي تي يونيسيف جي ڪنٽري ريپريزنٽيٽو اينجيلا ڪيريني، ڊائريڪٽر جنرل لوڪل گورنمينٽ فهيم جوڻيجو، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو نديم الرحمان ميمڻ، ايس ايس پي ٺٽو فدا حسين مستوئي، ٽيلينور موبائل ڪمپني جي نمائندي فرينڪ ڊينگرڊ سميت ٻين مقررين پڻ ٻار جي پيدائشي داخلا جي اهميت بابت روشني وڌي. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاه موبائل فون ذريعي داخلا ٿيندڙ ٻارن جي والدين ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *